بزرگ بن شهريار1

بزرگ بن شهريار: هيءُ عراقي جهازران هو، جنهن دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن سميت هند، سنڌ، چين ۽ جپان جھڙا ملڪ گھمي ڏٺا. هيءُ جھاز راني جي پيشي سان واڳيل هئڻ سبب عراق جي بندرگاهه کان سنڌ ۽ هند جي بندرگاهن تائين واپاري ٻيڙا آڻيندو هو. اهو ئي سبب هو جو کيس هتان جي جاگرافي ۽ معاشي حالتن سميت تمدني زندگيءَ جي ڄاڻ هئي.هي چوٿين صديءَ جي شروعات ۾ ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي مشاهدن تي ٻڌل هڪ ڪتاب ’عجائب الهند‘ جي نالي سان لکيو. ان ڪتاب ۾ هن ٻين هنڌن ۽ واقعن جي تذڪري سان گڏ عربيءَ مان قرآن شريف جي ترجمي ٿيڻ جو احوال به ڄاڻايو آهي. هن بيان ڪيو آهي ته: اتر سنڌ جي هڪ هندو راجا جي چوڻ تي منصوره جي هڪ عرب عالم قرآن شريف جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندس ان بيان مان سنڌ ملڪ ۾ قديم وقت کان سيڪيولرزم واري سرشتي هئڻ جي ثابتي ملي ٿي. هن لاءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي تحقيق ۾ لکيو آهي ته کيس سنڌي زبان به ايندي هئي ۽ هن اسلام جي تعليم بابت سنڌيءَ ۾ هڪ نظم به لکيو. هن جو لکيل ڪتاب 1880ع ۾ لنڊن ۾ ڇپيو، جنهن جو فرانسيسي ٻوليءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو